سنڌي درسي ڪتاب

سنڌي درسي ڪتاب

سنڌي درسي ڪتاب

سنڌي درسي ڪتاب

سنڌي درسي ڪتاب

سنڌي درسي ڪتاب: غير مادري زبان وارن/ غير سنڌي آفيسرن/ ملازمن لاءِ سنڌي سکيا جو هيءُ ڪتاب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نـصـاب ۽ مـنظـوريءَ مطابق پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو تيار ڪيل آهي. هن ڪتاب جي مطالعي مان نه صرف مذڪوره آفيسر/ ملازم سنڌي ٻولي چڱي ريت لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل ٿين ٿا، پر دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي يقيني بنائڻ ۾ مدد پڻ ملي ٿي.
ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي سکندڙن کي هن زبان جي گرامر جا اصول ۽ انهن اصولن موجب سنڌي زبان جي جملن جي جوڙجڪ پڻ پاڻمرادو سکڻ لاءِ رهنمائي ڪيل آهي.
ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي جو پهريون ڇاپو ڊيمي سائيز ۽ رنگين ٽائيٽل جي 95 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي، جڏهن ته ٻيو ڀاڱو ’استادن لاءِ هدايتون‘ آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، ڊبل ڪرائون سائيز ۽ رنگين ٽائيٽل جي 224 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.
هن درسي ڪتاب جا هي ٻئي ڀاڱا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان آڪٽوبر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.


لفظ سنڌي درسي ڪتابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو